ٻتڙ فقير پٽ ڇڇر

ٻتڙ فقير پٽ ڇڇر: هيءُ فقير نُک ۾ ڇڇر ۽ ذات جو سميجو هو، وڏو الهه لوڪ ٿي گذريو آهي. غوث بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جو مُريد هو، غوث پاڪ ٻين خليفن کان وڌيڪ سندس عزت ڪندو هو، پهاڪو آهي:
” ٻتڙ ٻاجهه ڀريو دولهو درٻار.“
ٻتڙ فقير ٽنڊي الهيار شهر ڀرسان مدفون آهي، سندس مقبري تي ڪيترائي زيارتي ايندا رهن ٿا. سندس شجرو هن ريت آهي: ٻتڙ پٽ ڇڇر پٽ مناهين پٽ ڀاڻون پٽ ڏيرو پٽ ٿيٻو پٽ اُنڙ پٽ سمون .


هن صفحي کي شيئر ڪريو